حافظ محمد موسيٰ ڀٽو

حافظ محمد موسيٰ ڀٽو: ناليوارو ليکڪ حافظ محمد موسيٰ ڀٽو، جندي ديري، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو. هيءُ حافظ قرآن هئڻ سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي سٺي ڄاڻ رکي ٿو. هن سنڌي توڙي اردو ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جن ۾ (1) ’پرينءَ جي پچار‘ (ٽي حصا)، (2) ’جـديـد سـنڌ ۽ ان جا مسئلا‘، (3) ’سنڌ ۾ بي چينيءَ جا اسباب‘، (4) ’مٽ نه ٿيا مئيءَ جا‘ ۽ (5) ’اسلام جو معاشي نظام‘ شامل آهن. هيءُ ’باب الاسلام پبليڪيشن حيدرآباد‘ جو صدر رهي چڪو آهي ۽ هن وقت ’سنڌ نيشنل اڪيڊمي ٽرسٽ‘ جو باني ۽ نگران آهي. ان کان سواءِ سندس ادارت ۾ ماهوار ’بيداري‘ رسالو هڪ وڏي عرصي کان نڪرندو رهي ٿو، جنهن ۾ هُو پنهنجي مسلڪ جو فڪري پرچار ڪندو رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو